چڙهت واري سفارتڪاريsrepik li0209AaEeS34 0
چڙهت واري سفارتڪاري يا هوسٽائيل ڊپلوميسي (Hostile Diplomacy) مان مراد هڪ اهڙو ماحول آهي، جنهن ۾ هڪ يا وڌيڪ ملڪ جنگي تڪرار ۾ مصروف هجن ۽ منجهن جنگ لڳڻ جا گهڻا امڪان هجن. اهڙين ڳالهين ۾ ڪا به ڌُر ڏي وٺ واري اصول تي عمل ڪندي جهيڙي کي ٽآرڻ بدران اهڙا بيان ڏيندي ۽ قدم کڻندي آهي، جنهن سان معاملا وڌيڪ تڪراري ۽ مُونجهاري جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ سرچاءُ ڪرائيندڙ يا ٽياڪڙي ڪندڙ ڌرين کي کين ٺارڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون وٺڻيون پونديون آهن. [1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ سنڌي آن لائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد